درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو42 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 80 هزار …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو42 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 80 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 80 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 50 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1458.40 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو1.283 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1145.95 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.552 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.