ضلعي انتظاميا سکر پاران ننڍڙن ٻارن کي سخت متاثر ڪرڻ واري بيماري آرائي (پوڪس) خلاف هنگامي طور احتياطي اپائن تي عمل درآمد ڪرڻ جو فيصلو

سکر- 06 اپريل (اي پي پي) سکر ضلعي ۾ ننڍڙن ٻارن کي سخت متاثر ڪرڻ واري بيماري آرائي (پوڪس) خلاف هنگامي طور احتياطي اپائن تي عمل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اهم اجلاس ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد علي ماڪو جي صدارت هيٺ ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر ۾ آرائي (پوڪس) جهڙي بيماري بابت ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، …

سکر- 06 اپريل (اي پي پي) سکر ضلعي ۾ ننڍڙن ٻارن کي سخت متاثر ڪرڻ واري بيماري آرائي (پوڪس) خلاف هنگامي طور احتياطي اپائن تي عمل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اهم اجلاس ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد علي ماڪو جي صدارت هيٺ ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر ۾ آرائي (پوڪس) جهڙي بيماري بابت ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي اطلاع لاءِ 0719310600 ۽ 0719310609 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آرائي (پوڪس) خلاف فوري طور تي ضلعي سميت يونين ڪائونسلن ۾ فوميگيشن واري مهم شروع ڪئي ويندي، مال پِڙين ۽ صالح پٽ، روهڙي، سکر، پنوعاقل شهر سميت ڏوراهن واري علائقن ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان مال ۾ ويڪسين ۽ اسپري ڪيو ويندو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد علي ماڪو لائيو اسٽاڪ، تعليم، صحت سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته آرائي (پوڪس) تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل کاتن جي پهرين ترجيح آهي. ان ڏس ۾ سمورن کاتن جا آفيسر رٿابندي تحت اسپري، تعليمي ادارن ۾ جاگرتا پيدا ڪرڻ، شهر سميت ڏوراهن واري علائقن ۾ بيماري خلاف ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو وڃي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سيد علي گل شاهه ٻڌايو ته ضلعي ۾ ان بيماري بابت اسپتالن ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن جتي ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اها بيماري جانورن کان انسانن ۽ انسانن کان جانورن ۾ منتقل ٿيندي آهي، جڏهن ته هي بيماري ننڍڙن ٻارن ۾ تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، ان لاءِ تُرت اپائن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو. ڊي ايڇ او اجلاس ۾ چيو ته ضلعي سطح تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي، جن جي ڪري بيماري ۾ مبتلا معصوم ٻارڙا صحيح نموني چڪاس نه ٿيڻ ۽ وقت سر بيماري جي دوا نه ملڻ سان سخت متاثر ٿيندا آهن. لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان جانورن ۾ ويڪسين ۽ اسپري واري مهم جاري آهي، جڏهن ته مال پڙين ۾ پڻ ڪئمپ قائم ڪري جانورن ۾ ويڪسين ۽ اسپري ڪرايو ويندو. هن چيو ته اها بيماري ٻين مختلف نموني سان پڻ ڦهلجندي. جنهن ۾ باربر شاپس، صفائي جو خيال نه رکڻ، کاڌ خوراڪ جي بهتر نه هجڻ سبب بيماري تيزي اختيار ڪري وئي آهي، جنهن تي فوري طور ڪم اسٽارٽ ڪيو ويندو. تعليم کاتي جي، ڊي او ٻڌايو ته ضلعي جي سمورن اسڪولن جي هيڊ ماسٽرز، پرنسپال ۽ ٻين کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته هو پاڻ به اسڪولن جو دورو ڪري بيماري واري نشانين جي واضح ٿيڻ بابت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چيڪ ڪري رهيو آهي ۽ هدايت تحت ذميوارن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهڙي نشانيون ظاهر ٿيڻ واري شاگردن جي مڪمل تفصيل ۽ رپورٽ جلد فراهم ڪئي وڃي. هيلٿ ڪئير ڪميشن جي ڊاڪٽر اشفاق علي دَستي ٻڌايو ته ضلعي سميت خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن کي سٺي ريت چيڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي رپورٽ بابت فوري طور تي اعليٰ اختيارن سميت ڪنٽرول روم سکر اطلاع ڪئي وڃي ٿي. آخر ۾ اجلاس ۾ شريڪ سرڪاري کاتن جي آفيسر توڙي نمائندن پاڻ بهتر رابطي ۽ ان بيماري خلاف احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لاءِ گڏيل طور عملدرآمد جو يقين ڏياريو.