گمس اسپتال گمبٽ ۾ ايم پي او ايڪس جي وبا جي روڪٿام ۽ متاثر ٻارڙن جي علاج لاءِ 20 بسترن وارو وارڊ قائم

سکر- 06 اپريل (اي پي پي) گمس اسپتال گمبٽ ۾ ايم پي او ايڪس جي وبا جي روڪٿام ۽ متاثر ٻارڙن جي علاج لاءِ 20 بسترن وارو وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جديد طبي سهولتون موجود آهن. گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي ھدايتن تي ڊي ايڇ او فوري طور آئسوليشن وارڊ جو دورو ڪيو ۽ اھڙي ترت ۽ وقتائتي قدم کڻڻ تي هن ساراھيندي چيو ته گمس اسپتال جي آئسوليشن وارڊ …

سکر- 06 اپريل (اي پي پي) گمس اسپتال گمبٽ ۾ ايم پي او ايڪس جي وبا جي روڪٿام ۽ متاثر ٻارڙن جي علاج لاءِ 20 بسترن وارو وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جديد طبي سهولتون موجود آهن. گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي ھدايتن تي ڊي ايڇ او فوري طور آئسوليشن وارڊ جو دورو ڪيو ۽ اھڙي ترت ۽ وقتائتي قدم کڻڻ تي هن ساراھيندي چيو ته گمس اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ متاثر ٻارڙن جي علاج لاءِ ماھر ڊاڪٽرن جي ٽيم ھر وقت موجود آهي. هن چيو تہ عوام جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هي وارڊ قائم ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، ڊائريڪٽر گمس، والدين کي مشورو ڏيندي چيو آھي ته جيڪڏهن انهن جي بچڙن ۾ ڪي به علامتون ظاهر ٿين ته فوري طور تي گمس جي آئسوليشن وارڊ اچن جيڪو 24 ڪلاڪ کليل رھندو، جتي کين مفت بھترين سھولتن فراھم ڪيون وينديون. ھن چيو ته علائقي ۾ اھڙي صورتحال جي نگراني پڻ ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته هڪ باقاعدہ ريپڊ رسپانس ٽيم پڻ ٺاھي وئي آهي ۽ پرسنل پروٽيڪٽو ايڪوپمينٽ ڪٽس جي استعمال بابت هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.