تهران- 06 اپريل (اي پي پي) ايران جي گادي واري شهري تهران سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 شهرن کي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته اسرائيل ۾ گادي واري شهر تل ابيب سميت 15 هنڌن تي ايراني حملن جا اطلاع آهن، جن ۾ حيفه شهر تي حملي ۾ 2 اسرائيلي مارجي ويا آهن. بي بي سي مطابق مرڪزي اسرائيل تي تازن اسرائيلي حملن کانپوءِ پيٽا …
ايران جي 12 شهرن تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا، حيفه تي جوابي ايراني ڪارروائي ۾ 2 اسرائيلي مارجي ويا

مزید خبریں
تهران- 06 اپريل (اي پي پي) ايران جي گادي واري شهري تهران سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 شهرن کي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته اسرائيل ۾ گادي واري شهر تل ابيب سميت 15 هنڌن تي ايراني حملن جا اطلاع آهن، جن ۾ حيفه شهر تي حملي ۾ 2 اسرائيلي مارجي ويا آهن. بي بي سي مطابق مرڪزي اسرائيل تي تازن اسرائيلي حملن کانپوءِ پيٽا ٽڪواهه ۾ هڪ عورت انٽرسيپٽر ميزائل سان سخت زخمي ٿي پئي آهي. اسرائيلي عملدارن وچ اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪريش سائيٽس جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته تل ابيب ۾ هڪ عمارت کي نقصان پهتو آهي. حيفه ۾ هڪ ايراني ميزائل هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران جي گهٽ ۾ گهٽ 12 شهرن کي نشانو بڻايو ويو، تهران جي بهارستان ڪائونٽي ۾ 6 معصوم ٻار شهيد ٿيا. ان سان گڏو گڏ نار ۾ حملا جاري آهن، ڪويت ۾ بجلي، پاڻي صاف ڪرڻ ۽ تيل جي پلانٽس کي نشانو بڻايو ويو ۽ بحرين ۾ تيل جي هڪ تنصيب کي نشانو بڻايو ويو.











