ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا سنگين انساني ۽ ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا: ايراني عهديدار جو آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر ڏانهن خط

دبئي- 06 اپريل (اي پي پي) ايران گڏيل قومن جي ائٽمي نگران اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي تي بي عملي جو الزام لڳائيندي خبردار ڪيو آهي ته ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا سنگين انساني ۽ ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. رائيٽرز مطابق ايراني ائٽمي توانائي تنظيم جي سربراهه محمد اسلامي، آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جي نالي هڪ خط ۾ چيو ته اداري طرفان ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن …

دبئي- 06 اپريل (اي پي پي) ايران گڏيل قومن جي ائٽمي نگران اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي تي بي عملي جو الزام لڳائيندي خبردار ڪيو آهي ته ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا سنگين انساني ۽ ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. رائيٽرز مطابق ايراني ائٽمي توانائي تنظيم جي سربراهه محمد اسلامي، آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جي نالي هڪ خط ۾ چيو ته اداري طرفان ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملن خلاف قدم نه کڻن ”جارحيت جي حوصله افزائي“ جي برابر آهن، جنهن جي نتيجي ۾ حساس ائٽمي مرڪز کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن انڪشاف ڪيو ته ايران جي واحد فعال بوشهر نيوڪليئر پاور پلانٽ کي هاڻي تائين چار ڀيرا نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته 4 اپريل تي ٿيل تازي حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن خبردار ڪيو ته فعال ائٽمي ري ايڪٽر تي ان نوعيت جا حملا تابڪار مواد جي نيڪال جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جنهن جا ناقابل تلافي نتيجا نه صرف ايران پر سڄي خطي ۽ پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرناڪ هوندا. هن انهن حملن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي آءِ اي اي اي تي تنقيد ڪئي ته صرف ڳڻتي جا بيان ڪافي ناهن، پر فوري ۽ فيصلائتا قدم اڻٽر آهن، ٻي صورت اهڙن حملن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.