آمريڪا شهري انفراسٽرڪچر تي حملو ڪيو ته فيصلائتو جواب ڏينداسين: ايراني پرڏيهي وزير

تهران- 06 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي، فرانسيسي هم منصب زان نوئل بارو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آمريڪا، ايران جي شهري انفراسٽرڪچر تي حملو ڪيو ته ايران طرفان فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. بي بي سي مطابق ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا جي اها ڌمڪي جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي معمول بڻائڻ آهي. ايراني پرڏيهي وزارت طرفان …

تهران- 06 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي، فرانسيسي هم منصب زان نوئل بارو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آمريڪا، ايران جي شهري انفراسٽرڪچر تي حملو ڪيو ته ايران طرفان فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. بي بي سي مطابق ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا جي اها ڌمڪي جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي معمول بڻائڻ آهي. ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق فرانس جي پرڏيهي وزير به انفراسٽرڪچر تي حملي جي آمريڪي صدر ڌمڪين کي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب قرار ڏنو ۽ تڪرار جي سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڀريو.