تهران- 06 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا – اسرائيل جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙين جي ڪوششن جي جواب ۾ ايران پنهنجو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. بي بي سي، ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا طرفان ٽياڪڙين ذريعي موڪليل 15 نقاطي منصوبو اسان جي نظر …
ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙين جي جواب ۾ مسودو تيار ڪري ورتو

مزید خبریں
تهران- 06 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا – اسرائيل جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙين جي ڪوششن جي جواب ۾ ايران پنهنجو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. بي بي سي، ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا طرفان ٽياڪڙين ذريعي موڪليل 15 نقاطي منصوبو اسان جي نظر ۾ ڪنهن به طرح قبولڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ”الٽي ميٽمز ۽ جنگي ڏوهن جي ڌمڪين“ سان هڪجهڙائپ نه ٿيون رکن. اها ڳالهه هن ٽرمپ جي ان بيان جي رد عمل ڏني ته آبناءِ هرمز ٻيهر نه کوليو ويو ته آمريڪا، ايران جي شهري انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائيندو. ترجمان چيو ته ايران ان جي بجاءِ پنهنجي مفادن ۽ ضرورت جي بنياد تي مطالبن جو هڪ سيٽ تيار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان شروع کان ئي ڄاڻون ٿا ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ اسان ڪهڙيون لڪِيرون پار نه ڪنداسين. اسان جي پوزيشن اڄ به واضح آهي. جيئن ئي اهي ڳالهيون شروع ٿيون اسان جا جواب تيار هئا. هن چيو ته ايران پنهنجا جواب مڪمل طور تي تيار ڪري ورتا آهن ۽ مناسب وقت تي تفصيلن جو اعلان ڪيو ويندو.











