اسلام آباد ۾ پوليس پاران اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي شروعات سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پوليس پاران اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي شروعات کي خوش آئنده ۽ صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ قابل تقليد قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. هو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ٽريفڪ پوليس کي ماحول دوست اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فراهمي واري تقريب کي …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پوليس پاران اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي شروعات کي خوش آئنده ۽ صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ قابل تقليد قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. هو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ٽريفڪ پوليس کي ماحول دوست اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فراهمي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کانسواءِ اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته کيس خوشي آهي ته اسلام آباد پوليس پاران ٽريفڪ ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي شروعات ٿي آهي، ان سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي جيڪو اڄڪلهه جي حالتن ۾ جڏهن پيٽرول جون قيمتون آسان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن خاص طور تي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پوري ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ صوبائي حڪومتون به ان جي پوئيواري ڪنديون ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي شروعات ڪنديون. ان کان اڳ هن اليڪٽرڪ وهيڪلز جو معائنو ڪيو. واضح رهي ته حڪومت جي دورانديش پاليسي جي ڪري نار جو بحران شروع ٿيڻ کان اڳ ئي فيول اڪانومي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي تي ڪم شروع ٿي چڪو هو ۽ ڪجهه مهينا اڳ ئي انهن گاڏين جي پروڪيورمنٽ جي شروعات ڪئي وئي هئي. آءِ جي اسلام آباد پوليس سيد علي ناصر رضوي وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته شروعاتي طور تي اسلام آباد ٽريفڪ پوليس کي 15 ماحول دوست ايڪو – سمارٽ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فراهمي وزيراعظم جي ويزن ۽ حڪومت جي توانائي بچت جي پاليسي جو حصو آهي، هر گاڏي جي لاءِ هڪ ڪپتان، هڪ مرد ريسپانڊر، هڪ ريسپانڊر ۽ هڪ ڊرائيور جو اسٽاف هوندو جن جي لاءِ خصوصي ورديون هونديون. اهي گاڏيون شهر جي اهم رستن تي موجود رهنديون ته جيئن ٽريفڪ جو وهڪرو وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته مڪمل طور تي چارج هڪ گاڏي 350 کان 400 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿي. تيز ترين چارجنگ 60 کان 90 منٽ جڏهن ته ريگيولر چارجنگ جي لاءِ 6 کان 8 ڪلاڪ گهربل هوندا. پيٽرول تي هلندڙ گاڏين جي مقابلي ۾ انهن گاڏين جي استعمال سان في گاڏي 0.55 ملين رپيا ماهوار جي بچت ٿيندي ۽ اهي اليڪٽرڪ گاڏيون 13 کان 14 مهينن ۾ پنهنجي لاڳت پوري ڪري ڇڏينديون. بريفنگ موجب جلد ئي 15 وڌيڪ اليڪٽرڪ وهيڪلز اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي فليٽ ۾ شامل ٿي وينديون. هن چيو ته اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي فليٽ ۾ انهن اليڪٽرڪ گاڏين جي شموليت وفاقي حڪومت جي اسلام آباد ۾ جديد ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان جو حصو آهي.