صدر آصف علي زرداري پاران بهاولپور جي امير نواب صلاح الدين عباسي جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بهاولپور جي امير نواب صلاح الدين عباسي جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري نواب صلاح الدين عباسي سان دلي تعزيت ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر مرحومه جي درجن جي بلندي، مغفرت ۽ پونئيرن جي …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بهاولپور جي امير نواب صلاح الدين عباسي جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري نواب صلاح الدين عباسي سان دلي تعزيت ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر مرحومه جي درجن جي بلندي، مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم سوڳوار خاندان سان گڏ بيٺل آهي.