اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان جي پرڏيهي وزير توشي متسو موتيگي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان جي پرڏيهي وزير توشي متسو موتيگي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير توشي متسو موتيگي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي حمايت ڪئي. بنهي اڳواڻن گڏيل رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.












