لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلو، هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ھٿيار هٿ

لاڙڪاڻو - 06 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪري رورتو آهي. تفصيل مطابق دڙي ٿاڻي جي حد بقاپور روڊ واري علائقي ۾ گشت دوران لاڙڪاڻو پوليس ڏوھارين کي ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو.مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھاريءِ جي سڃاڻپ مقصود جوڻيجو طور ٿي آهي. شروعاتي …

لاڙڪاڻو – 06 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪري رورتو آهي. تفصيل مطابق دڙي ٿاڻي جي حد بقاپور روڊ واري علائقي ۾ گشت دوران لاڙڪاڻو پوليس ڏوھارين کي ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو.مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھاريءِ جي سڃاڻپ مقصود جوڻيجو طور ٿي آهي. شروعاتي جاچ موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري سنگين قسم جي ڏوھن ۾ ملوث ۽ مختلف ٿاڻن اندر ھڪ درجن ڪيسن ۾ گھربل آهي. مقابلي دوران فرار ٿي ويل ڏوھارين جي گرفتاريءَ لاءِ بقاپور روڊ واري علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آھي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس لاءِ روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.