تهران_ 6 اپريل (اي پي پي) ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ سومر ڏينهن صبح جو شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي عمارت ۽ يونيورسٽي جي مسجد سميت يونيورسٽي جي ڪجهه حصن کي به نشانو بڻايو ويو. يونيورسٽي ويجهو گيس اسٽيشن تي حملي بعد ويجهن علائقن ۾ گيس جي سپلائي عارضي طور ڪٽجي وئي آهي . بي بي سي اها ڳالهه تهران جي ضلعي ميئر جي حوالي سان ٻڌائي آهي. رپورٽ …
ايران جي شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ شهر بهارستان جي رهائشي علائقي تي حملو، 6 ٻارن سميت 13 ماڻهو اجل جو شڪار

مزید خبریں
تهران_ 6 اپريل (اي پي پي) ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ سومر ڏينهن صبح جو شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي عمارت ۽ يونيورسٽي جي مسجد سميت يونيورسٽي جي ڪجهه حصن کي به نشانو بڻايو ويو. يونيورسٽي ويجهو گيس اسٽيشن تي حملي بعد ويجهن علائقن ۾ گيس جي سپلائي عارضي طور ڪٽجي وئي آهي . بي بي سي اها ڳالهه تهران جي ضلعي ميئر جي حوالي سان ٻڌائي آهي. رپورٽ مطابق انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر تي حملي بعد سومر ڏينهن صبح جو جاري ٿيل تصوير ۾ تهران جي اولهه وارن علائقن مان دونهون به ڏسڻ ۾ آيو . جنهن جي شروعات بعد کان تهران يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ يونيورسٽي سميت ڪيترين ئي يونيورسٽين تي حملا ڪيا ويا آهن . ان کانسواءِ تهران جي پسگردائي واري شهر بهارستان ۾ سومر ڏينهن صبح جو ڪيل هڪ حملي ۾ 6 ٻارن سميت 13 ماڻهو مارجي ويا . تهران جي پسگردائي وارن علائقن ۾ واقع بهارستان جي گورنر حملي ۾ 13 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي . بهارستان جي گورنر مطابق ان حملي ۾ شهر جي قلعي مير علائقي ۾ ٻن رهائشي يونٽن کي نشانو بڻايو ويو . گورنر مطابق حملي بعد ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي ۽ خدشو آهي ته اڃا به گهڻا ماڻهو ملبي هيٺ دٻيل هجن.











