دبئي-06 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايدآل نهيان ۽ اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني وچ ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران موجوده علائقائي صورتحال ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام تي پوندڙ سنگين اثرن، ميري ٽائم سيڪيورٽي، توانائي جي فراهمي ۽ عالمي معيشت تي پوندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گڏيل عرب امارات ۽ اٽلي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ ترقياتي …
گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ اٽلي جي وزيراعظم وچ ۾ ملاقات، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
دبئي-06 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايدآل نهيان ۽ اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني وچ ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران موجوده علائقائي صورتحال ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام تي پوندڙ سنگين اثرن، ميري ٽائم سيڪيورٽي، توانائي جي فراهمي ۽ عالمي معيشت تي پوندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گڏيل عرب امارات ۽ اٽلي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ ترقياتي شعبن ۾، يو اي اي ۽ اٽلي وچ ۾ تعاون جي مختلف رخن جو پڻ جائزو ورتو ويو.











