ايران سان ڳالهين جي تياري ڪري رهيا آهيون: جاپان

ٽوڪيو -06 اپريل (اي پي پي) جاپان جي وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت ايران سان سربراهي سطح تي ڳالهيون ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران اپوزيشن جي هڪ ميمبر جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان مناسب وقت تي قيادت جي سطح تي ڳالهين جي تياري ڪري رهيا آهيون . اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا اسرائيل …

ٽوڪيو -06 اپريل (اي پي پي) جاپان جي وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت ايران سان سربراهي سطح تي ڳالهيون ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران اپوزيشن جي هڪ ميمبر جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان مناسب وقت تي قيادت جي سطح تي ڳالهين جي تياري ڪري رهيا آهيون . اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب جاپان پنهنجي سفارتي ڪوششن کي متحرڪ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جاپان خطي ۾ امن ۽ امان، استحڪام لاءِ سفارتي ذريعن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀري رهيو آهي.