تهران _ 6 اپريل(اي پي پي) آمريڪا ۾ گرفتار ٻن ايراني عورتن جو قاسم سليماني سان ڪو به تعلق ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير جي ايراني فوجي ڪمانڊر قاسم سليماني جي ٻن عورتن جي گرفتاري جي اعلان تي تبصرو ڪندي ايراني پرڏيهي وزارت جي هڪ عهديدار چيو ته انهن ٻن ايراني عورتن جو قاسم سليماني سان ڪو به تعلق ناهي . ايراني عهديدار چيو ته گرفتار ڪيل ٻن …
آمريڪا ۾ گرفتار ٻن ايراني عورتن جو قاسم سليماني سان ڪو به تعلق ناهي

مزید خبریں
تهران _ 6 اپريل(اي پي پي) آمريڪا ۾ گرفتار ٻن ايراني عورتن جو قاسم سليماني سان ڪو به تعلق ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير جي ايراني فوجي ڪمانڊر قاسم سليماني جي ٻن عورتن جي گرفتاري جي اعلان تي تبصرو ڪندي ايراني پرڏيهي وزارت جي هڪ عهديدار چيو ته انهن ٻن ايراني عورتن جو قاسم سليماني سان ڪو به تعلق ناهي . ايراني عهديدار چيو ته گرفتار ڪيل ٻن عورتن جو پاسداران انقلاب جي قدس فورس جي ڪمانڊر سان ڪو به رشتو ناهي. قاسم سليماني جنوري 2020ع ۾ بغداد ايئر پورٽ تي آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هيو. ٻئي پاسي قاسم سليماني جي ڌيئرن نرگس ۽ زينب به تصديق ڪئي آهي ته فوجي ڪمانڊر جي خاندان ۽ رشتيدارن ڪڏهن به آمريڪا ۾ رهائش اختيار ناهي ڪئي. واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير اعلان ڪيو هيو ته آمريڪي وفاقي آفيسرن قاسم سليماني جي ٻن رشتيدار عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ان جي مستقل قانوني رهائش (گرين ڪارڊ ) جو درجو رد ڪري ڇڏيو هيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو هيو ته حميده سليماني افشار ( قاسم سليماني جي ڀيڻ) ۽ سندس ڌيءَ سارينا آمريڪي اميگريشن اينڊ ڪسٽمز انفورسمينٽ ايجنسي جي حراست هيٺ آهن.











