فوجين کي ڊگهي مدي لاءِ پرڏيهه ۾ ترسائڻ بابت فوج کي آگاهه ڪرڻو پوندو، جرمني جو نئون قانون لاڳو

برلن -06 اپريل (اي پي پي ) جرمني ۾ فوجي سروس جي هڪ نئين قانون تحت نوجوانن کي ڊگهي عرصي لاءِ ملڪ ڇڏڻ تي کين  اطلاع ڏيڻ ضروري هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان سلسلي ۾ هڪ اخبار جي رپورٽ تي وسيع پيماني تي بحث شروع ٿي ويو آهي. دفاع واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته 17 سالن جي مرد جوانن جي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين پرڏيهه ۾ قيام لاءِ …

برلن -06 اپريل (اي پي پي ) جرمني ۾ فوجي سروس جي هڪ نئين قانون تحت نوجوانن کي ڊگهي عرصي لاءِ ملڪ ڇڏڻ تي کين  اطلاع ڏيڻ ضروري هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان سلسلي ۾ هڪ اخبار جي رپورٽ تي وسيع پيماني تي بحث شروع ٿي ويو آهي. دفاع واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته 17 سالن جي مرد جوانن جي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين پرڏيهه ۾ قيام لاءِ جرمن فوج کان اڳواٽ منظوري وٺڻ ضروري آهي جيڪڏهن ڄاڻايل عرصي ۾ سپاهي طور ڪنهن مخصوص سروس جي اميد نه هجي ته منظوري ڏني ويندي. وزارت جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته ان ضابطي جو پسمنظر ۽ رهنما اصول اهو آهي ته ضرورت پوڻ تي هڪ قابل اعتماد ۽ معلوماتي فوجي سروس رڪارڊ يقيني بڻايو وڃي. ترجمان موجب وزارت ايگزٽ پرمٽ جي ضرورت کان ڇوٽ ۽ درخواست جي منظوري لاءِ هڪ نطام جو مسودو تيار ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد غير ضروري بيورو ڪريسي کان بچڻ آهي. اهو نئون سروس قانون جنوري ۾ لاڳو ٿيو جنهن جومقصد وڌ کان وڌ نوجوانن کي فوجي تربيت لاءِ رضاڪاراڻي طور راغب ڪرڻ آهي. فوجي سروس قانون تحت رضاڪاراڻي رهندي . جرمني 2011 ۾ ڀرتي ملتوي ڪري ڇڏي هئي پر انهن سمورن 18  سالن جي نوجوانن لاءِ فوجي خدمتن ۾ پنهنجي دلچسپي بابت هڪ نئون سوالنامو ڀرڻ ۽ جيڪڏهن درخواست ڪئي وئي هجي ته طبي معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. جرمني پنهنجي ڪل وقتي فوجين ۽ مخصوص ميبرن جي ڳاڻيٽي ۾ خاطر خواهه اضافو ڪرڻ تي  اتفاق ڪيو آهي جيڪو نيٽو جي دفاعي منصوبن جو حصو آهي.