عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار

ٽوڪيو _ 6 اپريل (اي پي پي ) عالمي مارڪيٽ ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهيو جنهن جو سبب آمريڪا اسرائيل ۽ ايران جنگ سبب وچ اوڀر جي اهم پيداواري خطي ۾ شپنگ ۾ رڪاوٽن سبب سپلائي ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن برينٽ ڪروڊ جا معاهدا 1.71 ڊالر يا 1.6 سيڪڙو جي اضافي سان 110.74 ڊالر …

ٽوڪيو _ 6 اپريل (اي پي پي ) عالمي مارڪيٽ ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهيو جنهن جو سبب آمريڪا اسرائيل ۽ ايران جنگ سبب وچ اوڀر جي اهم پيداواري خطي ۾ شپنگ ۾ رڪاوٽن سبب سپلائي ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن برينٽ ڪروڊ جا معاهدا 1.71 ڊالر يا 1.6 سيڪڙو جي اضافي سان 110.74 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويا جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ ڪروڊ فيوچر ز جا سودا 0.71 ڊالر يا 0.6 سيڪڙو جي اضافي سان 112.25 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. رپورٽ مطابق آبنائي هرمز ، جتان کان عراق ، سعودي عرب ، قطر ، ڪويت ۽ گڏيل عرب امارات مان تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات گذرندي آهي. 28 فيبروري تي جنگ شروع ٿيڻ بعد کان بند آهي ۽ وچ اوڀر ۾ سپلائي ۾ خلل سبب ريفائنريز خام تيل جي متبادل ذريعن کان ڳولا شروع ڪري رهي آهي. ياد رهي  ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايران کي ڌمڪي ڏني آهي ته اسٽريٽجڪ آبنائي هرمز کي ٻيهر نه کوليو ويو ته ايران ۾ بجلي گهرن ۽ پلين کي نشانو بڻايو ويندو.