اوپيڪ پلس پاران مئي لاءِ تيل جي پيداوار ۾ 2 لک 6 هزار بيرل اضافي تي اتفاق

ماسڪو _6 اپريل (اي پي پي ) اوپيڪ پلس مئي مهيني لاءِ تيل جي روزانو پيداوار 206،000 بيرل اضافو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اوپيڪ پلس جي 8 ميمبر ملڪن ورچيوئل اجلاس ۾ مئي مهيني جي ڪوٽه ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي، اوپيڪ پلس ورچيوئل اجلاس ۾ تيل جي عالمي مارڪيٽ جي تازي صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورت جو جائزو ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميمبر …

ماسڪو _6 اپريل (اي پي پي ) اوپيڪ پلس مئي مهيني لاءِ تيل جي روزانو پيداوار 206،000 بيرل اضافو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اوپيڪ پلس جي 8 ميمبر ملڪن ورچيوئل اجلاس ۾ مئي مهيني جي ڪوٽه ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي، اوپيڪ پلس ورچيوئل اجلاس ۾ تيل جي عالمي مارڪيٽ جي تازي صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورت جو جائزو ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميمبر ملڪن سعودي عرب ، روس ، عراق ، گڏيل قومن ، ڪويت ، قازقستان ، الجزائر ۽ عمان اجلاس ۾ مارڪيٽ جي استحڪام جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مئي 2026 ع لاءِ 2 لک 6 هزار بيرل پيداوار کي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ايڊسٽمينٽ اپريل 2023ع ۾ اعلان ڪيل 16  لک 50 هزار بيرل روزانو جو اضافو رضاڪاراڻي ڪٽوتين جو حصو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته 16 لک 50 هزار  بيرل روزانو ڪٽوتين کي مارڪيٽ جي صورتحال مطابق جزوي يا مڪمل طور تي واپس به ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته تيل جي مارڪيٽ جي مسلسل نگراني ۽ جائزو ورتو ويندو . اوپيڪ پلس جي ميمبر ملڪن جو چوڻ هو ته  هو محتاط حڪمت عملي اختيار ڪندي مڪمل جهڪاءُ برقرار رکندا ته جيئن ضرورت پوڻ تي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي، گهٽتائي يا اڳوڻن فيصلن کي واپس وٺي سگهجي. ورچوئل اجلاس ۾ عالمي سامونڊي گذرگاهن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ته جيئن توانائي جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکي سگهجي . توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته متاثر ٺڪاڻن جي بحالي هڪ مهانگو ۽ وقت طلب عمل آهي جيڪو سپلائي جي عمل کي متاثر ڪري سگهي ٿو . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپلائي جي تحفظ کي نقصان پهچائيندڙ قدم جيڪي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائيندا هجن يا سامونڊي گذرگاهن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ، ان عمل سان مارڪيٽ ۾ عدم استحڪام وڌندو . اوپيڪ پلس پنهنجي حصيدار ملڪن جي ڪوششن کي ساراهيو، جن متبادل روانگي واپاري رستو اختيار ڪري سپلائي کي برقرار رکيو ۽ مارڪيٽ جي واڌ ۽ لاٿ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏني . اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به فيصلو ڪيو ويو ته تيل جي مارڪيٽ جي صورتحال ، معاهدن تي عمل درآمد ۽ تلافي جي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهوار بنيادن تي اجلاس منعقد ڪيا وڃن . ايندڙ اجلاس 3 مئي 2026 ع تي گهرايو ويو آهي.