حڪومت موجوده معاشي صورتحال ۾ عوام تي اضافي بار وجهڻ کان پاسو ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت موجوده معاشي صورتحال ۾ عوام تي اضافي بار وجهڻ کان پاسو ڪري رهي آهي ۽ ريلوي نظام کي بهتر بڻائي آمدني ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن سومر ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت موجوده معاشي صورتحال ۾ عوام تي اضافي بار وجهڻ کان پاسو ڪري رهي آهي ۽ ريلوي نظام کي بهتر بڻائي آمدني ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن سومر ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ پاڪستان ريلوي جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري سڌارن ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي ريلوي جي پاڪستان ريلوي جي آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته نار جي صورتحال ۾ عوام تي اضافي بار سبب عوامي سهولت کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سڀني آپريشنل ريلن جي ڀاڙن ۾ ڪنهن به  قسم جو ڪوبه اضافو نه ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته موجوده معاشي صورتحال ۾، حڪومت عوام تي اضافي بار وجهڻ کان پاسو ڪري رهي آهي ۽ ريلوي نظام کي بهتر بڻائي آمدني وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم پاڪستان ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ قابل اعتماد سفري نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي قدمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت عوامي ڀلائي جي ايجنڊا لاءِ پرعزم آهي ۽ سڀني ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو ويندو. وزيراعظم ريلوي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ريلوي جي جاري منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ماڻهن کي بهتر، محفوظ ۽ سستيُون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آندا وڃن.