صدر پاران پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي شهرين ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪون

اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي شهرين ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏهاڙي جي موقعي تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اهو ڏينهن همدردي، اميد، تجديد، نئين سر زندگي، تازگي، ڇوٽڪاري، زندگي جو موت تي ۽ سٺائي جي برائي تي فتح جو واضح پيغام ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ اهي قدر صرف نظرياتي نه پر عملي زندگي ۾ …

اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي شهرين ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏهاڙي جي موقعي تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اهو ڏينهن همدردي، اميد، تجديد، نئين سر زندگي، تازگي، ڇوٽڪاري، زندگي جو موت تي ۽ سٺائي جي برائي تي فتح جو واضح پيغام ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ اهي قدر صرف نظرياتي نه پر عملي زندگي ۾ نظر اچن ٿا، مسيحي مرد ۽ عورتون اسان جي اسڪولن، اسپتالن، سرڪاري خدمتن ۽ هٿياربند فوج ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. مسيحي خاندان ان ڏينهن کي عبادت ۽ گڏيل ملاقاتن ذريعي ملهائين ٿا، انهن جون خدمتون اسان جي معاشري جي معمول جي نظام جو حصو آهن ۽ اهي اعتراف ۽ احترام جا مستحق آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني مسيحين کي وطن لاءِ انهن جي خدمتن سبب قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسان اڄ به پنجاب اسيمبلي جي مسيحي اسپيڪر ايس- پي سنگها جي پاڪستان جي قيام ۾ تاريخي ڪردار کي ياد رکون ٿا. هر پاڪستاني 1965ع جي جنگ ۾ سيسل چوڌري جي بهادراڻي ڪردار کي به ياد رکي ٿو. مان پاڪستاني مسيحي برادري جي قومي ترقي ۾ مسلسل خدمتن، خاص طور تي تعليم، صحت، قومي دفاع ۽ سماجي خدمتن جي شعبن ۾ ڪردار کي ساراهيان ٿو. قائداعظم محمد علي جناح رياست لاءِ هڪ واضح رخ مقرر ڪيو هو. جيڪو سمورن شهرين لاءِ مذهب ۽ نسل سان مٿانهون ٿي برابري، آزادي ۽ تحفظ تي ٻڌل آهي. اهي اصول پاڪستان جي آئين ۾ شامل آهن. جيڪي هر شهري کي برابر جا حق ۽ تحفظ جي ضمانت ڏين ٿا. صدر زرداري چيو ته مان ان ڳالهه کي ورجايان ٿو ته رياست جي ذميواري آهي ته پاڪستان ۾ سموريون برادريون انهن حقن مان مڪمل طور تي مستفيد ٿين. حڪومت اقليتي برادرين جي جان، مال، عزت ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي آئون سمورن شهرين کي تلقين ڪريان ٿو ته هو هڪٻئي سان تحمل، احترام ۽ ذميواري سان پيش اچن. هڪ مضبوط ۽ مستحڪم معاشرو ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته اسان روزمره زندگي، ڪم جي جاين، پاڙن ۽ ادارن ۾ هڪ ٻئي سان ڪهڙو ورتاءَ ڪريون ٿا.