اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏهاڙي جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سمورن شهرين خاص ڪري اقليتن جي مذهبي، معاشي، تعليمي حقن جو يقيني تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، دنيا جي موجوده ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ سمورن مذهبن جي امن جي تعليم ۽ ترغيب به اهميت اختيار ڪري وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري …
سمورن شهرين خاص ڪري اقليتن جي مذهبي، معاشي، تعليمي حقن جو يقيني تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏهاڙي جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سمورن شهرين خاص ڪري اقليتن جي مذهبي، معاشي، تعليمي حقن جو يقيني تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، دنيا جي موجوده ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ سمورن مذهبن جي امن جي تعليم ۽ ترغيب به اهميت اختيار ڪري وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ايسٽر جي پرمسرت موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت طرفان سڄي دنيا خاص ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. سمورن اهل وطن کي هن ڏهاڙي جون روايتي خوشيون مبارڪ هجن، اسان دعاڳو آهيون ته خوشين جو اهو ڏينهن مسيحي برادري ۽ سڄي دنيا لاءِ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي. هن چيو ته دنيا جي موجوده ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ سمورن مذهبن جي امن جي تعليم ۽ ترغيب وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. ايسٽر ڪنهن به مذهبي ڏهاڙي جي پوري طرح انسانيت لاءِ محبت، اميد، قرباني، درگذر، امن، رواداري، ڀائيچاري جهڙن مثبت قدرن ۽ سماجي، بين المذاهب هم آهنگي جو پيغام آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مسيحي برادري پيشيور شعبن ۾ ملڪي، معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ ساراهه جوڳي ۽ وڏو فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سڀني شهرين خاص ڪري اقليتن جي مذهبي، معاشي ۽ تعليمي حقن جو تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. سڀني شهرين لاءِ هڪجهڙن موقعن ۽ حقن جي تحفظ جي عزم جو بنياد اسلامي تعليم، قائداعظم محمد جناح جي نظرين ۽ پاڪستان جي آئين جي ضمانت تي قائم آهي، مذهبي هم آهنگي ۽ گهڻ رخي ثقافت جا رنگ معاشرتي جدت جي عڪاسي ڪن ٿا. سڀني طبقن جون ملڪي ترقي لا مخلصاڻيون ڪوششون ئي فلاحي رياست ۽ قومي اتحاد جي ضمانت آهن. هن چيو ته اچو ته نئين سر عهد ڪريون ته سڄي قوم متحد ٿي جذبي سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندي رهندي.










