سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران مسيحي برادري کي ايسٽر جون مبارڪون

اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايسٽر جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي دلي مبارڪون پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان آچر ڏينهن جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيئرمين سينيٽ چيو ته ايسٽر مسيحي برادري جي لاءِ روحاني تجديد، اميد ۽ محبت جو عظيم تهوار آهي، ان موقعي تي خصوصي عبادتون ۽ دعائيه تقريبون ڪيون …

اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايسٽر جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي دلي مبارڪون پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان آچر ڏينهن جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيئرمين سينيٽ چيو ته ايسٽر مسيحي برادري جي لاءِ روحاني تجديد، اميد ۽ محبت جو عظيم تهوار آهي، ان موقعي تي خصوصي عبادتون ۽ دعائيه تقريبون ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اهو موقعو نه رڳو روحاني وابستگي کي سگهارو بنائڻ جو ذريعو آهي بلڪه معاشري ۾ محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پڻ اهم پيغام ڏئي ٿو. هن مسيحي برادري تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي خاص عبادتن ۾ پاڪستان جي سلامتي، امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪري ۽ پنهنجي مذهبي اجتماعن ذريعي بين المذهبي هم آهنگي، برداشت ۽ اخوت جو پيغام عام ڪري. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ اهي پنهنجي عبادتگان ۾ بنا خوف جي مذهبي رسمون ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن جو ضامن آهي ۽ ان سلسلي ۾ موثر قانونسازي به ڪئي وئي آهي ته جيئن سمورن شهرين کي برابر حق حاصل ٿين. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن آواز کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ ۾ قائم مختلف ڪميٽين جي ذريعي اقليتن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ۽ موثر قدم کنيا پيا وڃن. پنهنجي پيغام جي آخر ۾ سينيٽ چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جون مبارڪون ڏيندي سندن لاءِ امن، ڪاميابي ۽ خوشي جي دعا ڪئي.