اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت مارڪيٽ ۾ نظم ۽ ضبط، شفافيت ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي، قيمتن ۾ استحڪام رڳو هڪ معاشي ترجيح ناهي پر اهو عوام سان اسان جو واعدو آهي. رٿابندي واري وزارت مطابق وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن …
حڪومت مارڪيٽ ۾ نظم ۽ ضبط، شفافيت ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي: پورفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت مارڪيٽ ۾ نظم ۽ ضبط، شفافيت ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي، قيمتن ۾ استحڪام رڳو هڪ معاشي ترجيح ناهي پر اهو عوام سان اسان جو واعدو آهي. رٿابندي واري وزارت مطابق وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي اضافي کي نظر ۾ رکندي نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن جو مقصد عوام کي غير ضروري مالي دٻاءُ کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتن ۽ فيصلائتن قدمن کي يقيني بڻائڻ هو، اجلاس ۾ روزاني جي زندگي کي متاثر ڪندڙ سمورن عملن سميت عام واهپي جي شين کان وٺي ٽرانسپورٽ جي ڪراين تائين جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي واضح، وقت سر ۽ عمل جوڳيون هدايتون جاري ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري آهي. هن چيو ته يوريا ڀاڻ جي اسمگلنگ خلاف فوري ۽ اثرائتي ڪريڪ ڊائون کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته هفتي وار مانيٽرنگ سسٽم تحت هر جمعي تي اين پي ايم سي جا اجلاس منعقد ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين تي سختي سان نظر رکي پئي وڃي ته بنا جواز اضافي کي روڪي سگهجي. حڪومت پاران صوبن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪرايا موجوده سبسڊيز مطابق مقرر ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي سمورن صوبن ۾ ڪرايه ناما فوري جاري ڪيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عام واهپي جي شين جي ٿوڪ ۽ پرچون قيمتن جو باقاعدگي سان اعلان ڪيو وڃي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت جا مربوط قدم ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته حڪومت مارڪيٽ ۾ نظم ۽ ضبط، شفافيت ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. قيمتن ۾ استحڪام رڳو معاشي ترجيع ناهي پر عوام سان اسان جو واعدو آهي.










