چين ۽ ڪئناڊا پاران اقتصادي ۽ مالياتي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

بيجنگ-05 اپريل (اي پي پي) چين ۽ ڪئناڊا اقتصادي ۽ مالياتي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي نائب وزيراعظم ۽ چين-ڪئناڊا اقتصادي ۽ مالياتي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي چيني سربراهه حه لي فنگ ڪئناڊا جي ناڻي واري وزير ۽ ڳالهين جي ڪينيڊين شريڪ سربراهه فرانسوافلپ شيمپين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حه لي فنگ چيو ته ڌرين کي گهرجي ته هو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن …

بيجنگ-05 اپريل (اي پي پي) چين ۽ ڪئناڊا اقتصادي ۽ مالياتي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي نائب وزيراعظم ۽ چين-ڪئناڊا اقتصادي ۽ مالياتي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي چيني سربراهه حه لي فنگ ڪئناڊا جي ناڻي واري وزير ۽ ڳالهين جي ڪينيڊين شريڪ سربراهه فرانسوافلپ شيمپين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حه لي فنگ چيو ته ڌرين کي گهرجي ته هو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ تي اثرائتو عمل ڪن، واپار، معيشت ۽ ماليات جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪن ۽ چين ۽ ڪئناڊا جي اقتصادي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ صحتمند انداز ۾ اڳتي وڌائن. فرانسوا فلپ شيمپين چيو ته ڪئناڊا چين سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ هو چيني ڌر سان گڏجي اقتصادي ۽ مالياتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌيڪ عملي نتيجا حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي پاسن کان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هلندڙ سال جي ٻئين ڇهه ماهي ۾ چين-ڪئناڊا اقتصادي ۽ مالياتي اسٽريٽجڪ ڳالهيون منعقد ڪيون وڃن.