ماسڪو-05 اپريل (اي پي پي)روس چيو آهي ته بو شهر ايٽمي پاور پلانٽ تي حملا حملو ڪندڙن جي ساک تي ڪارو داغ آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريازاخارووا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ايران ۾ ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ وارا حملا انهن ميزائلن کي موڪلڻ وارن جي ساک تي ڪارو داغ آهن. هن ياد ڏياريو ته اهي ايراني ايٽمي ٺڪاڻا عالمي ايٽمي توانائي …
بو شهر ايٽمي پاور پلانٽ تي حملا حملو ڪندڙن جي ساک تي ڪارو داغ آهن: روس

مزید خبریں
ماسڪو-05 اپريل (اي پي پي)روس چيو آهي ته بو شهر ايٽمي پاور پلانٽ تي حملا حملو ڪندڙن جي ساک تي ڪارو داغ آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريازاخارووا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ايران ۾ ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ وارا حملا انهن ميزائلن کي موڪلڻ وارن جي ساک تي ڪارو داغ آهن. هن ياد ڏياريو ته اهي ايراني ايٽمي ٺڪاڻا عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ضمانتن تحت اچن ٿا. وزارت جي ويب سائٽ تي شايع ٿيل بيان ۾ هن چيو اهي غير قانوني ۽ لاپرواهه قدم انهن ماڻهن جي عالمي ساک تي هڪ اڻ مٽ داغ آهن جيڪي بو شهر ايٽمي پاور پلانٽ ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ضمانتن تحت ٻين ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائن ٿا ۽ انهن کي تباهه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪن ٿا. رپورٽ مطابق ايراني اختيارين ان کان اڳ اطلاع ڏنو هو ته بو شهر ايٽمي پلانٽ کي ڇوٿون ڀيرو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. ڄاڻايل حملي کانپوءِ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي ايٽمي حادثي جي خطري کان بچڻ لاءِ فوجي طور تي انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي.











