لاهور-04 اپريل (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيل جو بحران آهي، تاريخ ۾ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ ايتري واڌ ڪڏهن به نه ٿي، حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ تيل جو بحران پيدا نه ٿيڻ ڏنو ويو، وزيراعظم عوامي رليف لاءِ پيٽرول تي لاڳو ليوي ۾ 80 روپين تائين گهٽتائي ڪئي، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ …
سڄي دنيا ۾ تيل جو بحران آهي: عطا الله تارڙ

مزید خبریں
لاهور-04 اپريل (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيل جو بحران آهي، تاريخ ۾ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ ايتري واڌ ڪڏهن به نه ٿي، حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ تيل جو بحران پيدا نه ٿيڻ ڏنو ويو، وزيراعظم عوامي رليف لاءِ پيٽرول تي لاڳو ليوي ۾ 80 روپين تائين گهٽتائي ڪئي، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي سبسڊي ملڻ سان عوام کي وڌيڪ رليف ملندو، ڪفايت شعاري تي وزيراعظم روزاني جي بنياد تي وزارتن کان رپورٽ طلب ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان گڏ نيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته تيل جو بحران عالمي سطح تي درپيش آهي جنهن سان سمورا ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته وزيراعظم جي هدايتن تي لاڳاپيل وزارتن شروعاتي مرحلي ۾ ئي اڳواٽ قدم کڻندي ملڪ ۾ پيٽروليم شيم جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي. هن چيو ته وزيراعظم ڇڪتاڻ جي شروعات تي ئي واضح هدايتون جاري ڪيون ته ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي هارين، نوڪري ڪندڙ ماڻهن، عورتن ۽ اهي نوجوان جيڪي پنهنجي ڪٽنب جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ حلال رزق ڪمائين ٿا انهن کي تيل جي کوٽ جو منهن نه ڏسڻو پوي، هن چيو ته سڄي خطي ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ته اسان جي اوڀر جي پاڙيسري ملڪن ۾ پيٽرول پمپس تي ڊگهيون قطارون لڳيون ۽ ٻارڻ جي دستيابي متاثر ٿي جڏهن ته پاڪستان حڪومت وقت سر حڪمت عملي تحت عوام لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي فراهمي جو بندوبست ڪيو. عيد وارن ڏينهن ۾ ملڪي بندرگاهن تي سامونڊي جهازن جي آمد جا منظر سوشل ميڊيا تي به نظر ايندا رهيا، مختلف ذريعن کان پيٽروليم شيون گهرايون ويون، ٻه جهاز آبنائي هرمز ذريعي پهتا جڏهن ته ريڊ سي ذريعي به انتظام ڪيا ويا. هن چيو ته گڏيل عرب امارتن جي فجيره ۽ سعودي عرب سميت جتي جتي ممڪن ٿيو عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي تيل جي دستيابي يقيني بڻائي وئي. هن چيو ته وزيراعظم وقت سر نوٽيس ورتو جنهن سبب ملڪ ۾ ڪٿي به تيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي. هن چيو ته جنگ سبب سپلائي لائنز متاثر ٿيون جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ نمايان واڌ ٿي ۽ عالمي سطح تي قيمتون غير معمولي حد تائين وڌيون. هن چيو ته پيٽروليم شين جي استعمال ۾ نهايت احتياط جي ضرورت آهي، صرف ضرورت موجب ئي تيل استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته سبسڊي پٺيان وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم جي مسلسل محنت شامل هئي، ان حوالي سان ڏينهن رات ڪم ڪندي جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. هن چيو ته ان عرصي ۾ جڏهن سڄي دنيا ۽ خطي جا ملڪ پيٽرول جي کوٽ سبب پيٽرول پمپن تي ڊگهين قطارن ۽ وڌندڙ قيمتن جو منهن ڏٺو، وزيراعظم ٽن هفتن دوران پيٽروليم شين جي قيمتن جو بار عوام تي منتقل ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته حڪومت بچت ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن سان 129 ارب روپين جو انتظام ڪيو ۽ ٽن هفتن تائين پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ نه ڏني وئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي جون هدايتون جاري ڪيون، سرڪاري سطح تي 50 سيڪڙو پيٽرول جي بچت ۽ غير ضروري گاڏين جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي. وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن سميت ترقياتي منصوبن مان به فنڊز ڪڍيا ويا. هن چيو ته وزيراعظم واضح چيو ته عيد جي موقعي تي عوام کي واڌ بار جو منهن نه ڏسڻو پوي جنهن جي نتيجي ۾ عيد جي ڏينهن ۾ قيمتون مستحڪم رهيون ۽ عوام کي رليف ڏنو ويو. وفاقي وزير چيو ته موجوده حالتون اسان جون پيدا ڪيل ناهن پر دنيا جا سمورا ملڪ ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي ته قومي سطح تي نيشنل ريسپانس جي ضرورت هئي. وزيراعظم چئني صوبن جي وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير سميت سمورن لاڳاپيل عملدارن کي گڏ ڪيو جتي قومي سطح جي رد عمل تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته جيترو بار کڻڻ ممڪن هو حڪومت کنيو، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن قومي رد عمل تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل طور تي بار برداشت ڪري رهيون آهن جڏهن ته محروم ۽ پٺتي پيل طبقن جي تحفظ لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته عام طور تي سبسڊي جي صروت ۾ مهانگيون گاڏيون استعمال ڪندڙ ماڻهو به ايترو فائدو کڻڻ ٿا جيترو موٽرسائيڪل استعمال ڪندڙ عام شهري حاصل ڪري ٿو، ان لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي جو نظام جوڙيو ويو آهي ته جيئن رليف حقدارن تائين پهچي سگهي، هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ ٿيندي آهي جڏهن ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ ڀاڙڻ جي واڌکي روڪيو ويو ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي مفت ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت به ڀاڙڻ ۾ واڌ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرڪن، بسن ۽ ويگنن لاءِ فراهم ٿيندڙ سبسڊي سان به عام ماڻهو کي سنڌي ريت سهولتون ملنديون. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل حالتن ۾ همت نه هاري ۽ واضح ڪيو ته هو ان وقت تائين سک سان نه ويهندو جيستائين عوام پاڻ کي محفوظ محسوس نه ڪري. هن چيو ته وزيراعظم آخري لمحي تائين پيٽروليم شين جي پرائسنگ فارمولي تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ رستو ڪڍيو ويندو، هن چيو ته نيڪ نيتي ۽ مسلسل محنت سان ئي حل نڪرن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي مدد شامل هوندي آهي. عطا الله تارڙ چيو ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ وزيراعظم پيٽروليم ليوي ۾ 80 روپيا گهٽتائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 458 روپيا في ليٽر تائين پهتل پيٽرول گهٽجي 378 روپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، هن چيو ته صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ روزاني جي بنياد تي جائزه اجلاس منعقد ٿين ٿا جن ۾ وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سمورا عوامي ڀلائي واري قدم کڻي رهيون آهن، جڏهن ته سفارتي سطح تي به ڪوششون جاري آهن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، ان مقصد لاءِ وزيراعظم ڊجيٽل والٽ جو نظام متعارف ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن جنهن تحت سڌي ريت رقم منتقل ڪئي ويندي. هن چيو ته اهي ادائيگيون انهي شفاف طريقي تحت ٿينديون جهڙي طرح رمضان المبارڪ دوران سڌي ريت روڪ رقم منتقل ڪئي وئي هئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جون ڪوششون جاري آهن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم ان معاملي تي پوري طرح متحرڪ آهي ۽ حڪومت جي پهرين ترجيح عوام کي امڪاني مشڪلاتن کان محفوظ رکڻ آهي. هن چيو ته دعا آهي ته خطي ۾ امن بحال ٿئي ته جيئن حالتون معمول تي اچن ۽ پاڪستان ۾ ترقي جو سفر تيزي سان جاري رهي سگهي. هن چيو ته مشڪل حالتن باوجود حڪومت عوام سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته وزيراعظم سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته عوام لاءِ وڌ کان وڌ سهولت پيدا ڪئي وڃي ان مقصد لاءِ سمورا ادارا متحرڪ آهن ڪو به شخص سک سان ناهي ويٺو ۽ هر سطح تي ڀرپور ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته انشاءُ الله عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي.










