لاڙڪاڻو -04 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر پاليسي، چاهي اها معاشي هجي يا پرڏيهي ان جو مقصد صرف ۽ صرف غريب ۽ عام ماڻهو هو، کيس اڄ به اسان فخر سان ياد ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ سروسز کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين …
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر پاليسي جو مقصد صرف ۽ صرف غريب ۽ عام ماڻهو هو: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -04 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر پاليسي، چاهي اها معاشي هجي يا پرڏيهي ان جو مقصد صرف ۽ صرف غريب ۽ عام ماڻهو هو، کيس اڄ به اسان فخر سان ياد ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ سروسز کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جمهوريت جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي جنھن کان بعد ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ۽ دعا ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اسين قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي فخر سان ياد ڪريون ٿا جن پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکندي هن مُلڪ کي ناقابلِ تسخير بڻايو. انهن جي دور انديشي ۽ جراتمنداڻي فيصلن جي ڪري ئي اڄ پاڪستان جو دفاع مضبوط آهي ۽ دشمن پاڪستان جي طرف ميري اک سان ڏسڻ کان به ڊڄن ٿا. قائدِ عوام اصولن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو ۽ اُن لاءِ هُن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪئي، سندس قرباني ۽ منشور سدائين زنده رهندا. اڄ به دنيا کي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا اصولن تي قائم هجي، عوام جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ طاقت جي اڳيان جھڪڻ کان انڪار ڪري. اسان نه رڳو عالمي سطح تي پر پنهنجي ملڪ اندر به شهيد ڀٽو جي نظريي، انهن جي سياسي بصيرت ۽ عوامي سوچ جي کوٽ محسوس ڪريون ٿا. انهن جي هر پاليسي، چاهي اها معاشي هجي يا پرڏيهي ان جو مقصد صرف ۽ صرف غريب ۽ عام ماڻهو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ سروسز کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي ته جيئن مهانگائي جي باوجود عوام تي اضافي بار نه پوي. چاهي اها پيپلز بس سروس هجي يا ٻي ٽرانسپورٽ سروسز هُجي، ڪوشش آهي ته ڀاڙن ۾ واڌ نه ٿئي ۽ عام ماڻهو کي سستي ۽ معياري سهولت ملندي رهي، سنڌ جو وڏو وزير جلد ٽرانسپورٽ تنظيمن سان گڏجي هن منصوبي جا وڌيڪ تفصيل عوام جي سامهون پيش ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت جي ھاري دوست قدم تحت بينظير ھاري ڪارڊ ذريعي ننڍن ھارين کي مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڊيزل، پيٽرول ۽ وڌندڙ خرچن جي باوجود پاڪستان جي زرعي شعبي کي سپورٽ ملي سگهي. حڪومت سنڌ جو هي قدم ان ڳالهه جي علامت آهي ته مشڪل وقت ۾ ھارين سان گڏ بيهڻ پهرين ترجيح آهي. هي پروگرام نه صرف ھارين جي مدد آهي پر ملڪ جي معيشت جي مضبوط ٿيڻ جي طرف هڪ اهم قدم پڻ آهي.











