اسلام آباد -03 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف مسيحي برادري کي گڊ فرائيڊي جون مبارڪون ڏيندي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۾ مسيحي برادري جي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ سڄي دنيا ۾ مسيحي عقيدي سان لاڳاپيل ماڻهن کي گڊ فرائيڊي …
وزيراعظم پاران مسيحي برادري کي برادري کي گڊ فرائيڊي جون مبارڪون، رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -03 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف مسيحي برادري کي گڊ فرائيڊي جون مبارڪون ڏيندي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۾ مسيحي برادري جي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ سڄي دنيا ۾ مسيحي عقيدي سان لاڳاپيل ماڻهن کي گڊ فرائيڊي جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. هن دعا ڪئي ته اهو مقدس ڏينهن، جيڪو قرباني ۽ غور ۽ فڪر جي علامت آهي، اسانجي گڏيل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ته جيئن اسان همدردي، رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏئي سگهن.










