اسلام آباد-03 اپريل(اي پي پي)وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم تحت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ لاءِ عملي قدمن جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽريٽ موجوده مالي سال جي بجيٽ ۽ خرچن جو جائزو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 47 ڪروڙ 21 لک روپين جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪئي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبرن پڻ مهم ۾ پنهنجو حصو وجهندي پنهنجي پگهارن مان 2 …
وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم،قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ لاءِ عملي قدم شروع

مزید خبریں
اسلام آباد-03 اپريل(اي پي پي)وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم تحت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ لاءِ عملي قدمن جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽريٽ موجوده مالي سال جي بجيٽ ۽ خرچن جو جائزو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 47 ڪروڙ 21 لک روپين جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪئي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبرن پڻ مهم ۾ پنهنجو حصو وجهندي پنهنجي پگهارن مان 2 ڪروڙ 10 لک روپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي جيڪا وزيراعظم جي خاص ڪفايت شعاري فنڊ 2026 ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. توانائي ۽ ٻارڻ جي بچت جي حوالي سان اسپيڪر سردار اياز صادق جي هدايتن تي سخت پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي، جنهن تحت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي 75 سيڪڙو سرڪاري گاڏين کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي ته جئين پيٽروليم خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي. بجلي جي ضرورتن جي حوالي سان سيڪريٽريٽ هاڻي مڪمل طور تي گرين پارليامينٽ سولر سسٽم تي دارومدار ڪري رهيو آهي جنهن سان سرڪاري خزاني تي بجلي جي بلن جو بار ختم ٿي ويو آهي. انتِظامي معاملن ۾ بچت لاءِ آفيسن ۾ ملازمن جي موجودگي کي پڻ محدود ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت صرف 200 ملازم فزيڪلي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڪفايت شعاري مهم تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا وڃن. ان جامع منصوبا بندي ذريعي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گڏيل طور تي ٻن ارب روپين تائين جي بچت جو هدف مقرر ڪيو آهي. عملدارن موجب اهو سلسلو اتي نه رڪندو جڏهن ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وڌيڪ بچت ٿيل رقم قومي خزاني ۾ سرينڊر ڪئي ويندي.











