اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ اڄ کان سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ هڪ مهيني لاءِ مفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته موجوده معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي …
وفاقي حڪومت پاران شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ هڪ مهيني لاءِ مفت ڪرڻ جو فيصلو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ اڄ کان سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ هڪ مهيني لاءِ مفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته موجوده معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ هي قدم به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ته جيئن شهرين تي سفري خرچن جو بار گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز به سڄي پنجاب ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مفت هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد صوبي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته مشڪل وقت ۾ حڪومت عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن سان نه رڳو عوام کي فوري سهولت ملندي پر حڪومت ۽ شهرين وچ ۾ اعتماد ۾ به اضافو ٿيندو.











