اسلام آباد-03 اپريل(اي پي پي) واپار جي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي واپار واري وزير ثاني احمد الزيودي سان اهم ورچوئل اجلاس ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ ڊگهي مدي وارن دوستاڻن لاڳاپن ۽ مضبوط واپاري شراڪتداري تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين واپاري سهولتن کي هموار بڻائڻ، لاجسٽڪ هم …
واپار واري وفاقي وزير جو گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي واپار جي وزير سان ورچوئل اجلاس، ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جو عزم

مزید خبریں
اسلام آباد-03 اپريل(اي پي پي) واپار جي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي واپار واري وزير ثاني احمد الزيودي سان اهم ورچوئل اجلاس ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ ڊگهي مدي وارن دوستاڻن لاڳاپن ۽ مضبوط واپاري شراڪتداري تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين واپاري سهولتن کي هموار بڻائڻ، لاجسٽڪ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي ۾ اضافي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو. پاڪستان- يو اي اي ورچوئل اجلاس ۾ وزيراعظم جي واپار بابت ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل، واپار واري سيڪريٽري جواد پال ۽ وازرت جي ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پيٽروليم مصنوعات، خوراڪ ۽ ٻين اهم واپاري شين سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ وارن امڪانن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان دبئي ۽ ابو ظهبي ۾ يو اي اي جي سفارتي ۽ خانگي شعبي جي مدد تي پاڪستان پاران شڪريو ادا ڪيو، جنهن ۾ ڊي پي ورلڊ جو سهڪار پڻ شامل آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، واپاري سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ٻه طرفي شراڪت داري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











