قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. تلاوت ۽ قومي تراني کانپوءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي بينچن تان ميمبرن اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائڻ چاهيو. ڊپٽي اسپيڪر ميمبرن کي بار بار تاڪيد ڪئي ته هو پنهنجين سيٽن تي ويهن، سوالن جي وقفي …

اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. تلاوت ۽ قومي تراني کانپوءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي بينچن تان ميمبرن اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائڻ چاهيو. ڊپٽي اسپيڪر ميمبرن کي بار بار تاڪيد ڪئي ته هو پنهنجين سيٽن تي ويهن، سوالن جي وقفي کانپوءِ سمورا ميمبر جيڪي اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائڻ چاهن ٿا کين اجازت هوندي. پر ٻنهي پاسن کان ميمبر مسلسل اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائڻ چاهن پيا ۽ پنهنجي سيٽن تي بيٺا رهيا. ان دوران ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں