اسلام آباد - 03 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 37 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 24 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 24 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 49 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 09 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 37 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 24 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 24 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 49 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 09 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1452.77 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.101 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1140.15 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.339 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.40 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.280 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











