واشنگٽن -03 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڪثر پيٽنٽ ٿيل دوائن ۽ لاڳاپيل فارماسيوٽيڪل جزن جي آمدني واپار تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدارتي حڪمنامي مطابق اهو فيصلو قومي سلامتي جي تحفظ کي نظر ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل آمدني واپار اهڙي مقدار ۽ حالتن ۾ ٿي رهيو آهي جيڪو آمريڪا جي سلامتي لاءِ …
آمريڪا پاران فارماسيوٽيڪل جي آمدني واپار تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن -03 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڪثر پيٽنٽ ٿيل دوائن ۽ لاڳاپيل فارماسيوٽيڪل جزن جي آمدني واپار تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدارتي حڪمنامي مطابق اهو فيصلو قومي سلامتي جي تحفظ کي نظر ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل آمدني واپار اهڙي مقدار ۽ حالتن ۾ ٿي رهيو آهي جيڪو آمريڪا جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. اهو ٽيرف 31 جولاءِ 2026ع کان لاڳو ٿيندو، جڏهن ته انهن ڪمپنين لاءِ شرح 20 سيڪڙو رکي وئي آهي جيڪي آمريڪا ۾ پيداوار منتقل ڪرڻ (آن شورنگ) جا منصوبا رکن ٿيون يا جلد ئي ايئن ڪرڻ واريون آهن. پر اها شرح 2 اپريل 2030ع تائين وڌائي 100 سيڪڙو ڪئي ويندي. حڪم نامي مطابق يورپي يونين، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، سوئٽزرلينڊ ۽ ليحنتن اشٽائن جهڙا ملڪ، جن جا آمريڪا سان واپاري معاهدا آهن، انهن تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيندو، جڏهن ته برطانيا لاءِ اها شرح 10 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.











