رياض -03 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان روس، چين ۽ جاپان جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ جاپان جي هم منصب توشيمتسو موتيگي رابطي ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاپان جي پرڏيهي وزير وچ اوڀر …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان روس، چين ۽ جاپان جي هم منصب جو رابطو، علائقائي صورتحال جو جائزو

مزید خبریں
رياض -03 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان روس، چين ۽ جاپان جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ جاپان جي هم منصب توشيمتسو موتيگي رابطي ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاپان جي پرڏيهي وزير وچ اوڀر تڪرار جو سياسي حل ڳولڻ جي حوالي سان شهزاده فيصل بن فرحان جي ڪوششن کي ساراهيو. جاپان جي پرڏيهي وزارت مطابق هن آبنائي هرمز جي بندش باوجود توانائي جي مستحڪم فراهمي برقرار رکڻ لاءِ مملڪت جي ڪوششن تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته جاپان، ايران سان تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو، جڏهن ته سعودي عرب سان وڌيڪ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو.











