بيجنگ-03 اپريل(اي پي پي) چين پاناما جهنڊي وارن جهازن جي حراست واري آمريڪي الزام کي رد ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته آمريڪا پاران بار بار اهڙا الزم لڳائڻ ان جي ڳجهن ارادن کي ظاهر ڪن ٿا جن جو مقصد پامانا ڪنال تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي.اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو …
چين پاناما جهنڊي وارن جهازن جي حراست واري آمريڪي الزام کي رد ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
بيجنگ-03 اپريل(اي پي پي) چين پاناما جهنڊي وارن جهازن جي حراست واري آمريڪي الزام کي رد ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته آمريڪا پاران بار بار اهڙا الزم لڳائڻ ان جي ڳجهن ارادن کي ظاهر ڪن ٿا جن جو مقصد پامانا ڪنال تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي.اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جي پرڏيهي وزير چين تي الزام لڳايو هو ته هو درجنين پاناما فليگڊ جهازن کي روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. مائوننگ چيو ته اصل سوال اهو آهي ته عالمي سپلاءِ چين جي استحڪام ۽ پاناما ڪنال جي غير جانبدار حيثيت کي هڪ طرفي قدمن ذريعي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاناما ۾ بندرگاهن سان لاڳاپيل معاملن تي چين جو موقف واضع آهي ۽ پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪندو.











