ڪراچي-03 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کان پوءِ ٽرانسپورٽرن کي درپيش چئلينجن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايس آءِ ڊي مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ …
شرجيل انعام ميمڻ ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
ڪراچي-03 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کان پوءِ ٽرانسپورٽرن کي درپيش چئلينجن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايس آءِ ڊي مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي آگاهي ڏني ته پيٽروليم اسمن جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾، سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن کي ٽول ٽيڪس ۽ ٻين صوبائي ٽيڪسن ۾ رليف فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ٽرانسپورٽرن کي هر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ شعبي کي درپيش مشڪلاتن کان چڱي طرح واقف آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ هڪ قومي مسئلو آهي جنهن جو اثر هر شعبي تي پوي ٿو، تنهن هوندي به، حڪومت ٽرانسپورٽرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ممڪن تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي.











