لاھور - 02 اپريل (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدم سيد احمد محمود چيو آھي ته سنڌ طاس معاھدو پاڪستان جي بقا، زرعي معيشت ۽ آبي سلامتي لاءِ اڻٽر آھي، اھو معاھدو پاڪستان ۽ ڀارت جي جاگرافيائي ۽ قدرتي مجبوري آھي، جنھن کي ھڪ طرفو ختم نه ٿو ڪري سگھجي، جيڪڏھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا به ختم ٿي وڃن پوءِ به اھو معاھدو قانوني حيثيت برقرار …
سنڌ طاس معاھدو پاڪستان جي بقا، زرعي ۽ آبي سلامتي لاءِ اڻٽر آھي: مخدوم سيد احمد محمود

مزید خبریں
لاھور – 02 اپريل (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدم سيد احمد محمود چيو آھي ته سنڌ طاس معاھدو پاڪستان جي بقا، زرعي معيشت ۽ آبي سلامتي لاءِ اڻٽر آھي، اھو معاھدو پاڪستان ۽ ڀارت جي جاگرافيائي ۽ قدرتي مجبوري آھي، جنھن کي ھڪ طرفو ختم نه ٿو ڪري سگھجي، جيڪڏھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا به ختم ٿي وڃن پوءِ به اھو معاھدو قانوني حيثيت برقرار رکي ٿو. انھن خيالن جو اظھار ھن “ اي پي پي“ سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته عالمي قانون گڏيل درياھن وارن ملڪن جي آبي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، انڪري ڪنھن ھڪ ڌر لاءِ معاھدي کان ڌار ٿيڻ ممڪن ناھي. ھن زور ڀريو ته ان معاھدي جي پاسداري ٻنھي ملڪن جي مفاد ۾ آھي، جڏھن ته ان کان پوئتي هٽڻ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ نقصان ڪندڙ ثابت ٿيندو. ھن عالمي برادري ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن تي زور ڀريو ته ھو ان معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن ۽ ڀارت کي معاھدي تي مڪمل عملدرآمد جو پابند بڻائين ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگھجي. ھن چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌ طاس معاھدو نه رڳو پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ضامن آھي پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار کي محدود رکڻ ۽ خطي ۾ ڊگھي استحڪام کي ھٿي ڏيڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.











