اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توئر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري قانوني ۽ عدالتي تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ تاريخي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان تاجڪستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توئر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري قانوني ۽ عدالتي تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ تاريخي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ قانوني تعاون کي باقاعده شڪل ڏيڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي غور ڪيو ويندو. ان موقعي تي قانوني ماهر، ججز ۽ ٻين پيشيور ماڻهن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ويو ته جيئن تجربن ۽ مهارتن مان گڏيل فائدو ممڪن بڻائي سگهجي. ان کانسواءِ ثالثي، مصالحت ۽ سرحد پار تڪرارن جي حل جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ڳالهين ۾ قانوني سڌارن، تربيتي پروگرامز ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا کي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اهم قرار ڏنو ويو. وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ موجوده تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهو رابطو خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي لاءِ نهايت اهم آهي.











