وفاقي حڪومت پاران پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو گريڊ 20 جو آفيسر محمد علي رنڌاوا ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مقرر

اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد علي رنڌاوا کي ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب مقرري جي منتظر پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد علي رنڌاوا کي ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نئين ڊي جي …

اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد علي رنڌاوا کي ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب مقرري جي منتظر پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد علي رنڌاوا کي ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نئين ڊي جي محمد علي رنڌاوا کي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ۾ هر سطح تي سُڌارا آڻڻ جو ٽاسڪ ڏيندي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن نظام کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ جي پوري نظام کي پيپر ليس بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاسپورٽ اينڊ اميگريشن نظام ۾ عوام جي سهولت کي سڀ کان وڌيڪ مٿانهون رکيو وڃي.

مزید خبریں