سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪ – افغان سرحد وٽ اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 8 دهشتگرد جهنم ڀيڙا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-02 اپريل(اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز پاڪ - افغان سرحد وٽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڀرپور ڪارروائي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي  8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي پاران جاري ڪيل بيان موجب پهرين اپريل تي سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي ضلعي ۾ پاڪ-افغان سرحد وٽ خوارجين جي هڪ گروپ جي چرپر جو مشاهدو ڪيو ۽ انهن کي …

راولپنڊي-02 اپريل(اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز پاڪ – افغان سرحد وٽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڀرپور ڪارروائي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي  8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي پاران جاري ڪيل بيان موجب پهرين اپريل تي سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي ضلعي ۾ پاڪ-افغان سرحد وٽ خوارجين جي هڪ گروپ جي چرپر جو مشاهدو ڪيو ۽ انهن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. مهارت سان ڀرپور ان ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي، فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد مليو آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اها ڪارروائي ثابت ڪري ٿي ته افغان طالبان حڪومت پنهنجي سرحد وٽ اثرائتو نظام يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. افغان طالبان حڪومت کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي افغان سر زمين کي خوارجين جي استعمال کان روڪڻو پوندو ۽ پنهنجي شهرين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث ٿيڻ کان پري رکڻو پوندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ  پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاقي اپيڪس ڪميٽي کان منظور ٿيل عزم استحڪام ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي جي روڪ ٿام لاءِ جاري مهم پوري شدت سان جاري آهي ته جيئن ملڪ ۾ سرحد پار سرپرستي هيٺ دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل طور خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں