اسلام آباد - 02 اپريل (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي خدمتن جي مشن تحت گادي واري شھر ۾ جاري مختلف ترقياتي ۽ سيڪيورٽي منصوبن جو تفصيلي دورو ڪيو. 4 ڪلاڪن جي ڊگھي دوري دوران گھرو معاملن بابت مملڪت وزير طلال چوڌري، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور ۽ اسلام آباد جو آءِ جي به ساڻس گڏ ھئا. گھرو وزير اتاترڪ اوينيو جي ڊگھي منصوبي جو …
وفاقي گھرو وزير پاران اسلام آباد جي مختلف منصوبن جو دورو، اتاترڪ اوينيو جي ڊگھي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي خدمتن جي مشن تحت گادي واري شھر ۾ جاري مختلف ترقياتي ۽ سيڪيورٽي منصوبن جو تفصيلي دورو ڪيو. 4 ڪلاڪن جي ڊگھي دوري دوران گھرو معاملن بابت مملڪت وزير طلال چوڌري، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور ۽ اسلام آباد جو آءِ جي به ساڻس گڏ ھئا. گھرو وزير اتاترڪ اوينيو جي ڊگھي منصوبي جو باقائده سنگ بنياد رکيو. ھن تعمير ھيٺ ماڊل جيل جو جائزو ورتو، جتي بيرڪس ۽ ايڊمن بلاڪ جو ڪم اٽڪل مڪمل ٿي چڪو آھي. محسن نقوي ھدايت ڪئي ته جيل جي پھرين فيز کي “ھاءِ سيڪيورٽي يزن” بڻايو وڃي ۽ عملي جي تربيت 30 اپريل تائين مڪمل ڪئي وڃي. گھرو وزير پوليس ڪاليج جي اپ گريڊيشن جو پلان طلب ڪندي تربيتي گنجائش 450 مان وڌائي 4000 ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ھن تربيت ۾ (اي آءِ) ۽ آءِ ٽي کي شامل ڪرڻ جي ھدايت ڏني ۽ 2 آرمرڊ پرسنل ڪيريئر گاڏيون پوليس جي حوالي ڪيون. وفاقي گھرو وزير ايف – سڪس ۾ خدمت مرڪز جو معائنو ڪيو ۽ اتي موجود شھرين سان ملاقات ڪري انھن جا مسئلا ٻڌا. ھن ھدايت ڪئي ته شھرين کي شفاف ۽ تيز رفتار سھولتن جي فراھمي حڪومت جي پھرين ترجيح آھي. گھرو وزير واضح ڪيو ته شھرين جي سھولت لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون جاري رھنديون ته جيئن سروس ڊليوري جي نظام کي وڌيڪ بھتر بڻائي سگھجي.











