اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۽ روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. آل پاڪستان سيمينٽ مينيوفيڪچرنگ ايسو سي ايشن ۽ اي جي ڊي ريسرچ مطابق مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سيمينٽ جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 38.54 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪيو گذريل مالي سال جي ساڳي …
ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۽ روانگي واپار ۾ 9 مهينن دوران 10 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۽ روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. آل پاڪستان سيمينٽ مينيوفيڪچرنگ ايسو سي ايشن ۽ اي جي ڊي ريسرچ مطابق مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سيمينٽ جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 38.54 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪيو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي 35.10 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ملڪ اندر سيمينٽ جو ڳاڻيٽو 31.60 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 28.57 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سيمينٽ جي مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 6.94 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي 6.53 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











