ايران تي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ شديد حملا ڪيا ويندا: آمريڪي صدر جو قوم کي خطاب

واشنگٽن-02 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هو ايران خلاف جنگ ۾ بنيادي اسٽريٽجڪ مقصدن جي مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايران تي شديد حملا ڪيا ويندا. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جنگ جي حوالي سان قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسان ايران کي فوجي ۽ معاشي طور تي بري طرح ڪمزور ڪري …

واشنگٽن-02 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هو ايران خلاف جنگ ۾ بنيادي اسٽريٽجڪ مقصدن جي مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايران تي شديد حملا ڪيا ويندا. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جنگ جي حوالي سان قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسان ايران کي فوجي ۽ معاشي طور تي بري طرح ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر وينز ويلا جي حوالي سان چيو ته آمريڪا کي هاڻي پرڏيهي ملڪن کان تيل جي ضرورت ناهي. هن چيو ته آمريڪا کي آبنائي هرمز جي ڪا به ضرورت ناهي، جيڪي ملڪ آبنائي هرمز ذريعي تيل حاصل ڪن ٿا، هاڻي کين ان گذرگاهه جي حفاظت پاڻ کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اهي ملڪ جيڪي ٻارڻ حاصل نٿا ڪري سگهن، جن مان ڪيترن ئي ملڪن ايران خلاف ان ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو انهن لاءِ مون وٽ تجويز آهي ته هو آمريڪا کان تيل خريد ڪن. آمريڪي صدر ايران جنگ ۾ زبردست ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي آمريڪي فوج جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته گذريل چئن هفتن ۾ اسان جي هٿياربند فوج جنگ جي ميدان ۾ تيز، فيصلائتيون ۽ زبردست ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اهڙيون ڪاميابيون جيڪي ان کان اڳ گهٽ ئي ماڻهن ڏٺيون هونديون. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران خلاف جنگ سبب نار عرب اتحادين ۽ اسرائيل کي نقصان کڻڻ يا ناڪام ٿيڻ نه ڏيندو. هن جو چوڻ هو ته آمريڪي فوجي ڪاررواين جي 32 ڏينهن کانپوءِ ايران واقعي هاڻي ڪو به خطرو ناهي رهيو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اسان جي ڀٺڀرائي سبب اهو چئي سگهان ٿو ته اسان جلد ئي پنهنجا سمورا فوجي هدف مڪمل ڪرڻ جي راهه تي آهيون. اسان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ان تي شديد حملا ڪنداسين ۽ کين واپس پٿر جي دور ۾ وٺي وينداسين جنهن سان سندن تعلق آهي. آمريڪي صدر ايران خلاف جاري جنگ بابت وڌيڪ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا منظم طريقي سان ايراني حڪومت جي ان صلاحيت کي ختم ڪري رهيو آهي ته هو آمريڪا کي ڌمڪي ڏئي سگهي يا پنهنجي سرحدن کان ٻاهر طاقت جو مظاهرو ڪري سگهي. هن هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته ايران جي بحريه، فضائيه ۽ ميزائل بڻائڻ جي صلاحيت تباهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايران ايٽمي هٿيار بڻائڻ جي ويجهو هو، ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ترڪ نه ڪيو هو ۽ تيزي سان ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل تيار ڪري رهيو هو. آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سان ايران جي ميزائيل ۽ ڊرون لانچ ڪرڻ جي صلاحيت ڊرامائي طور تي گهٽجي وئي آهي. آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج فضائي حملن ۾ ايران جي ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ لانچرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر هڪ وڏي انگ کي نقصان نه پهتو آهي ۽ ايران خطي ۾ ميزائل هڻي رهيو آهي. آمريڪي صدر اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ طئي ٿيل ايٽمي معاهدي کي هڪ غلطي قرار ڏنو ۽ چيو ته ان کي ختم ڪرڻ تي فخر آهي. صدر ٽرمپ جون 2025ع ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف ڪيل آپريشن مڊنائيٽ هيمر جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا ان جهڙو آپريشن ڪڏهن نه ڏٺو هو. اسان دنيا لاءِ خطرن جو سبب بڻجندڙ ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو. صدر ٽرمپ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي، جيڪو وقت سان گڏ هاڻي هڪ وڏو مسئلو بڻجندو پيو وڃي، جي ذميواري به ايران تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ايٽمي پروگرام جو به ذڪر ڪيو، هن گذريل 47 سالن ۾ ايران يا ان جي حمايت يافته گروهن طرفان ڪيل دهشتگرد حملن ۽ ٻين قدمن ۽ ايران جي هاڻوڪي مظاهرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اهڙن ملڪن جي اڳواڻن کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ۽ آئون ايئن ڪڏهن ٿيڻ نه ڏيندس. هن وچ اوڀر ۾ پنهنجي اتحادين سميت اسرائيل جو ٿورو مڃيندي چيو ته هو عظيم رهيا ۽ اسان کين ڪنهن به صورت ۾ نقصان کڻڻ يا ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين. صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ نيٽو جو ذڪر نه ڪيو جيتوڻيڪ اربع جي رات هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو ته هو آمريڪا کي ان اتحاد کان ڌار ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. هن نيٽو کي ڪاغذي شينهن قرار ڏيندي چيو ته يوڪرين ۾ اسان انهن جي چوڻ کان بنا انهن جي مدد لاءِ پهتاسين پر ايران تي هو اسان جي مدد کان پاسو ڪري رهيو آهي، آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا هڪ فتح نه ٿيڻ جوڳي فوجي طاقت آهي. هن ايران جنگ کي آمريڪي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ حقيقي سيڙپڪاري قرار ڏنو، هن چيو ته آمريڪي شهري هاڻي ايران جارحيت ۽ ايٽمي بليڪ ميلنگ کان محفوظ آهن ۽ آمريڪا پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ محفوظ، مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو. وائيٽ هائوس مان 19 منٽن جي خطاب ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران خلاف جنگ هاڻي ٻي مهيني ۾ داخل ٿي آهي جيڪو عراق ۽ ويٽنام جي جنگين سميت ماضي جي آمريڪي جنگين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ وقت آهي. جيڪڏهن ڪو معاهدو نٿو ٿئي ته اسان ان جي هر هڪ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ کي نشانو بڻائينداسين.