پيرس-02 اپريل(اي پي پي) فرانس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪا جي نيٽو کان ڌار ٿيڻ وارين ڌمڪين جي ردعمل ۾ چيو آهي ته اهو دفاعي اتحاد ايراني نار ۾ جارحاڻين ڪاررواين لاءِ نه پر يورو-ايٽلانٽڪ خطي جي سلامتي لاءِ قائم ڪيو ويو هو. ميڊيا رپورٽن موجب اها ڳالهه فرانس جي دفاع واري جونيئر وزير ايلس روفو گذريل ڏينهن پيرس ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته نيٽو …
ايراني نار ۾ آپريشن لاءِ نيٽو جو استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي هوندو: فرانس

مزید خبریں
پيرس-02 اپريل(اي پي پي) فرانس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪا جي نيٽو کان ڌار ٿيڻ وارين ڌمڪين جي ردعمل ۾ چيو آهي ته اهو دفاعي اتحاد ايراني نار ۾ جارحاڻين ڪاررواين لاءِ نه پر يورو-ايٽلانٽڪ خطي جي سلامتي لاءِ قائم ڪيو ويو هو. ميڊيا رپورٽن موجب اها ڳالهه فرانس جي دفاع واري جونيئر وزير ايلس روفو گذريل ڏينهن پيرس ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته نيٽو هڪ فوجي اتحاد آهي جيڪو يورو-ايٽلانٽڪ خطي جي سلامتي لاءِ آهي. ان کي ايراني نار ۾ آپريشن لاءِ استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو. هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته آمريڪا فرانس جي فوري طور تي ايراني نار کي کولڻ لاءِ ڪنهن فوجي اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ تي ناراض آهي جڏهن ته فرانس اهڙي حل جو حامي آهي جيڪو جارحاڻو نه هجي ۽ سامونڊي اچ وڃ جي بحالي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته فرانس، جيڪو نيٽو ۽ يورپي يونين جو باني ميمبر آهي، گذريل 20 سالن کان ان ڳالهه تي زور ڀري رهيو آهي ته يورپي ملڪن کي پنهنجي گڏيل دفاعي ذميوارن ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.











