گڏيل قومون - 02 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) جي 3 امن اهلڪارن جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ سمورين ڌرين …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران لبنان ۾ 3 امن اهلڪارن جي قتل جي مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون – 02 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) جي 3 امن اهلڪارن جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو ان جي عملي ۽ ٺڪاڻن جي حفاظت کي يقيني بڻائين ۽ مشن جي چر پر جي آزادي کي عالمي قانونن مطابق برقرار رکن. هنن چيو ته ڌريون اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪن جيڪي امن فوجين لاءِ لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته امن فوج کي ڪڏهن به نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته انهن واقعن جي جاچ لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس ذريعي ڪري ۽ اڳڀرائي جي حوالي سان فوج فراهم ڪندڙ ملڪن کي آگاهه رکي، جيڪو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۾ درج آهي. هن سمورين ڌرين کي ٺهرائن تي مڪمل عمل جو مطالبو ڪيو ۽ لبنان جي خودمختياري، آزادي، علائقائي سلامتي ۽ اتحاد لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته لبنان ۾ آچر ۽ سومر تي ٿيل گولا باري ۾ 3 امن اهلڪار مارجي ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا. تازن هفتن ۾ بليو لائن سان جاري ڇڪتاڻ دوران ڪيترائي واقعا به پيش آيا آهن، جن ۾ يو اين آءِ ايف آءِ ايل جي ٺڪاڻن کي نقصان پهتو ۽ امن فوج جا اهلڪار زخمي ٿيا.











