باڊهه پوليس جي ڪارروائي، صحافي شان ڏهر جي قتل جو اهم جوابدار عرفان بروهي گرفتار

لاڙڪاڻو- 02 اپريل (اي پي پي) باڊهه پوليس صحافي شان ڏهر جي قتل جي اهم جوابدار عرفان بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي قيادت ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري  فهد ارشاد مغل جي نگراني ۾ ايس ايڇ او باڊھ انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو دڙا ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي صحافي شان ڏھر جي قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ اشتھاري روپوش جوابدار عرفان بروهي …

لاڙڪاڻو- 02 اپريل (اي پي پي) باڊهه پوليس صحافي شان ڏهر جي قتل جي اهم جوابدار عرفان بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي قيادت ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري  فهد ارشاد مغل جي نگراني ۾ ايس ايڇ او باڊھ انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو دڙا ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي صحافي شان ڏھر جي قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ اشتھاري روپوش جوابدار عرفان بروهي کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو 2014ع کان روپوش هو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ڪامياب ڪارروائي تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.