لاڙڪاڻو ۾ 7 اپريل کان شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي امتحانن دوران امتحاني سينٽرن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قلم 144 لاڳو

لاڙڪاڻو- 02 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد محمود خان ثانوي ۽ اعلي' ثانوي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين جي سفارش تي 7 اپريل کان شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي امتحانن دوران امتحاني سينٽرن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمشنر لاڙڪاڻو سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي پاران مليل اختيارن تحت ڊويزن جي حدن ۾ ايندڙ …

لاڙڪاڻو- 02 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد محمود خان ثانوي ۽ اعلي’ ثانوي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين جي سفارش تي 7 اپريل کان شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي امتحانن دوران امتحاني سينٽرن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمشنر لاڙڪاڻو سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي پاران مليل اختيارن تحت ڊويزن جي حدن ۾ ايندڙ امتحاني سينٽرن ۾ 7 کان 15 اپريل تائين قلم 144 لاڳو ڪيو آهي، جنهن دوران امتحاني مرڪزن ۾ غيرواسطيدار ماڻهن جي داخلا، هٿيارن جي نمائش، آسپاس جي علائقن اندر فوٽو ڪاپين جا دڪان کولڻ تي پڻ پابندي لاڳو هوندي. قلم 144 دوران حد جي ايس ايڇ اوز کي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سيڪشن 188 پي پي سي، 1860 تحت قانوني ڪارروائيءَ لاءِ لکت ۾ شڪايتون داخل ڪرڻ جو اختيار هوندو.