آٽزم جو شڪار ماڻهو خصوصي ڌيان جا مستحق آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آٽزم جي شڪار ماڻهن کي خصوصي ڌيان جو مستحق قرار ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن جي مناسب نگهداشت ۽ تعليمي ۽ تربيتي انتظام سان انهن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي، جديد تربيتي سهولتن سان ليس سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم هڪ سال جي گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿي …

اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آٽزم جي شڪار ماڻهن کي خصوصي ڌيان جو مستحق قرار ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن جي مناسب نگهداشت ۽ تعليمي ۽ تربيتي انتظام سان انهن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي، جديد تربيتي سهولتن سان ليس سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم هڪ سال جي گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿي ويندو، نجي ادارا، سول سوسائٽي به ان خير جي ڪم ۾ شريڪ ٿين. آٽزم بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جيڪو 2 اپريل تي ملهايو وڃي ٿو. ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي آٽزم بابت آگاهي تي عالمي ڏهاڙي تي ان جي متاثرين جي ڀرپور انداز ۾ مدد ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته آٽزم بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ آٽزم کان متاثر ماڻهن جي حقن، تعليم ۽ معاشرتي شموليت جي موقعن جي فروغ جي لاءِ هي ڏينهن هر سال گڏيل قومن جي مخصوص ڪيل تاريخ 2 اپريل تي ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن سال هي ڏينهن ”آٽزم ۽ انسانيت: هر انسان قابل قدر آهي“ جي انتهائي موثر ۽ بامعنيٰ عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر انسان منفرد آهي. آٽزم هڪ نيورو ڊيولپمينٽل ڊس آرڊر آهي جنهن کان متاثرين سماجي رابطي ۾ مشڪلاتن ۽ ڳالهائڻ يا زبان جي مسئلن ۾ ورتل هوندا آهن. آٽزم جي شڪار ماڻهن کي سمجهڻ، قبول ڪرڻ ۽ انهن کي برابر جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهي اسان جي خصوصي ڌيان جا مستحق آهن. وزيراعظم چيو ته خصوصي ٻارن جي مناسب نگهداشت ۽ تعليمي ۽ تربيتي انتظام سان انهن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي. حڪومت پرعزم آهي ته سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻيندي خصوصي ٻارن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ جديد سهولتن ۽ جديد اوزارن سان ليس تربيتي ۽ تعليمي سينٽرز قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن آٽزم سميت ڪنهن به ذهني ۽ جسماني مشڪلاتن جا متاثرين پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن. هن چيو ته ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت جديد تربيتي سهولتن سان ليس سينٽر آف ايڪسيلينس فور آٽزم قائم ڪرڻ جو پيڙهه جو پٿر ڊسمبر 2025ع ۾ رکيو آهي جيڪو انشاءَ الله هڪ سال جي گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿي ويندو. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتون به آٽزم جي جلد سُڃاڻپ، متاثرين جي بهتر نگهداشت، تعليم ۽ تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن. خصوصي صلاحيت رکندڙ ٻارن جي دادرسي ۽ انهن جي ذهني ۽ جسماني ۽ تعليمي واڌويجهه اسان سڀني جي گڏيل فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت کانسواءِ نجي ادارا، سول سوسائٽي جي ان خير جي ڪم ۾ شرڪت آٽزم جي شڪار ماڻهن جي سماجي شموليت يقيني بڻائڻ ۾ ضروري آهي. سازگار سماجي ماحول جي فراهمي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ الله جي آڏو خوشنودي آهي ۽ دين ۽ دنيا ٻنهي ۾ سرخرو ٿيڻ جو سبب به آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي صلاحيت رکندڙ ٻارن جي والدين، استادن ۽ خدمت گذارن کي پڻ خصوصي خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي ڀرپور همدرديءَ سان انسانيت جي پرخلوص خدمت ۾ مصروف آهن.

مزید خبریں