وچ اوڀر جي بحران ۾ پاڪستان جو سفارتي ڪردار ۽ ذميداراڻو مؤقف تعريف جوڳو آهي: سعودي سفير

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي هاڪاري ۽ دانشمنداڻي سفارتي ڪردار کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي ذميداراڻي مؤقف کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت جا قدم موجوده بحران کي پُرامن طريقي سان حل …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي هاڪاري ۽ دانشمنداڻي سفارتي ڪردار کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي ذميداراڻي مؤقف کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت جا قدم موجوده بحران کي پُرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوششن جي عڪاس آهي. سعودي سفير وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب سميت نار ملڪن تي حملا سخت ڳڻتيءَ جو سبب آهن ۽ خودمختار رياستن خلاف بنا جواز اڳرائي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي اصولن جي کُليل ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته انهن حملن ۾ نه صرف قيمتي جانين جو نقصان ٿيو پر رهائشي علائقن، شهري ٺڪاڻن ۽ هوائي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. نواف بن سعيد المالڪي چيو ته حملن جو سلسلو آبناءِ هرمز تائين ڦهلائڻ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته ان خطي سان پوري دنيا جي معاشي مفاد ۽ توانائي جي سلامتي جڙيل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته خطي جو استحڪام اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، جنهن کي صرف دانشمنداڻي، عالمي يڪجهتي ۽ عالمي قانونن جي احترام سان ئي برقرار رکي سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته انساني اصولن تي عمل ڪرڻ ئي امن ۽ سلامتي جي تحفظ جو واحد ۽ بهترين رستو آهي.

مزید خبریں